انبن جا پن شگر گهٽائڻ لاءِ ڪيئن استعمال ڪجن؟

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ميون جي بادشاهه انب جا ڪيترائي فائدا آهن پر انب جا پن به مختلف بيمارين جي علاج لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن جن ۾ شگر ليول گهٽائڻ به شامل آهي.

صحت جي ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته انبن جي پنن ۾ جهجهي مقدار ۾ فليونائڊز ۽ ڦينول موجود هوندو آهي ۽ هي اينتي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور هوندا آهن.

ماهرن موجب انبن جي پنن کي پاڻي ۾ اٻاري استعمال ڪري سگهجي ٿو.

انبن جا پن انسولين ۽ گلوڪوز ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ ڪارائتا آهن جڏهن ته بلڊ شگر ليول کي پڻ توازن ۾ رکن ٿا.

انبن جا پن استعمال ڪرڻ لاءِ ڏهه کان 15 منڊ انهن کي پاڻي ۾ اٻاريو.

چڱي طرح اٻارڻ کانپوءِ پنن کي سڄي رات رکي ڇڏيو ۽ صبح جو نيراني پنن سان اٻاريل پاڻي پي ڇڏيو.

ڪجهه مهينن تائين لاڳيتو اهو پاڻي واپرائڻ سان حيرت جوڳا نتيجا نڪرندا.

ماهر چون ٿا ته انب جا پن به کائي سگهجن ٿا ۽ اڻ اٻريل پن گهٽ کائڻ گهرجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.