گهٽ ڌوئڻ سان وار مضبوط ۽ ڊگها ٿين ٿا: ماهر

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ماهرن جو چوڻ آهي ته وارن کي گهٽ ڌوئڻ سان اهي مضبوط ۽ ڊگها ٿيندا آهن.

آمريڪن اڪيڊمي آف ڊرماٽولاجي اينڊ هيئر ڊرماٽولاجي موجب وار ساليانو تقريبن 15 سينٽي ميٽر وڌن ٿا پر ان ڳالهه تي غور ڪريو ته ڏينهن ۾ 50 کان 100 ڪرڻ شروع ٿين ته گهٽ وڌندا آهن.

ڪجهه ماڻهن جا وار تڪڙي سهڻا ٿي ويندا آهن پر ڪجهه ماڻهن کي غذا ۽ سارسنڀال جي ضرورت هوندي آهي.

انهن جي سار سنڀال ڊرائر کي وچولو رکڻ، وارن جي واڌ ويجهه لاءِ تيل ۽ غذائي شين جو استعمال، نرم ويهاڻا رکڻ، گهريلو ٽوٽڪا استعمال ڪرڻ وغيره.

وارن جي تيزي سان واڌ لاءِ ماهر هيٺيون صلاحون ڏين ٿا.

ماهر چون ٿا ته وارن جي صحت لاءِ اوهان کي وارن کي باقاعدگي سان ڦڻي ڏيڻي پوندي.

ڊگهن ۽ مضبوط وارن بابت نيو يارڪ جو ماهر چوي ٿو ته وارن جي واڌ ويجهه لاءِ اوهان کي انهن جو خيال رکڻو پوندو.

هن چيو ته اهي غذائون کائجن جن ۾ پروٽين گهڻو هجي جن ۾ گوشت ۽ ٻيون پروٽين واريون شيون شامل آهن.

ڊاڪٽر فوسڪو چوي ٿو ته مڇي ۽ خشڪ ميوا خوراڪ ۾ شامل ڪجن.

وارن لاءِ وٽامن اي، سي، زنڪ ۽ آئرن کانسواءِ اوميگا ٿري به ضروري آهن.

هڪ ٻئي هيئر ڊريسر موجب وارن جي ڪلينزنگ ڪرائڻ خوفناڪ آهي.

حقيقت اها آهي ته اوهان کي وارن کي هر ڀيري شيمپو ڪرڻ جي ضرورت ناهي ان سان وارن جي صحت متاثر ٿئي ٿي.

هفتي ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا وارن کي شيمپو ڪرڻ سان قدرتي تيل اوهان جي وارن ۾ ويندو آهي ان سان وارن کي پاڻمرادو هائيڊريٽ رهڻ ۾ مدد ملندي آهي.

گهاٽن وارن لاءِ سٺي شيمپو جي چونڊ ڪريو.

ان کانسواءِ وارن کي بليچ نه ڪريو، وارن کي برش ڪندا رهو، پاڻي ٿڌو رکو، نرم وهاڻا ستعمال ڪريو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.