معين علي پاڪستان ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ بيچين

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽر معين علي هلندڙ سال انگلينڊ جي پاڪستان دوري دوران ٽيسٽ سيريز ۾ پنهنجي موجودگي ظاهر ڪري ڇڏي.

هڪ بيان ۾ معين علي چيو ته مان ڪيترن ئي سببن جي ڪري پاڪستان ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهيان ٿو، منهنجي خاندان جو واسطو پاڪستان سان آهي، اتي کيڏڻ جو تجربو بيان ڪرڻ جوڳو نه هوندو.

هن چيو ته انگلينڊ ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان جو دورو ناهي ڪيو، پاڪستان ۾ پي ايس ايل کيڏي آهي، مون کي خبر آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ ذريعي محبت ملي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪوچ چاهيو ته مان پاڪستان ۾ ٽيسٽ ضرور کيڏندس.

واضح رهي ته انگلينڊ جو 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل پاڪستان دورو هلندڙ سال ڊسمبر ۾ شيڊيول آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.