ڪرسٽيانو رونالڊو خلاف جنسي زيادتي جي درخواست خارج

 

جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو خلاف جنسي زيادتي جي درخواست خارج ڪئي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب پرتگال جي اسٽار فٽبالر خلاف درخواست نيواڊا جي هڪ اڳوڻي ماڊل داخل ڪرائي هئي.

اڳوڻي ماڊل ڪيٿرين مائيورگا الزام هنيو هو ته رونالڊو 2009 ۾ لاس ويگام جي هوٽل ۾ ساڻس زيادتي جي ڪوشش ڪئي هئي.

هوڏانهن ڪرسٽيانو رونالڊو ماڊل جي اهڙن الزامن جي ترديد ڪئي هئي.

هاڻ آمريڪي جج اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو خلاف جنسي زيادتي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.