رضا رباني جو ايم اين اي علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر رضا رباني قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي اپيل ڪئي آهي ته ايم اين اي علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ رضا رباني چيو ته علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن ته جيئن هو بجيٽ اجلاس ۾ پنهنجي تڪ جي نمائندگي ڪري سگهي.

هن چيو ته علي وزير 15 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان حراست ۾ آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت علي وزير جو آئيني حق آهي.

سندس چوڻ هو ته پ پ سدائين قومي اسيمبلي جي رول 108 ۽ سينيٽ جي رول 84 جو تحفظ ڪيو، انهن رولز تي عمل نه ڪرڻ علائقي جي عوام کي نمائندگي کان مرحوم ڪرڻ جهڙو آهي.

اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو ته پارليامينٽ جي سڃاڻپ ۽ اٿارٽي کي چٿيو ويو، هاڻ اها هڪ خالي عمارت آهي، پارليامينٽ جي اداري کي ٻيهر تعمير ڪرڻو پوندو.

رضا رباني چيو ته پارليامينت ۽ ان جي پريزائيڊنگ آفيسرن جي اٿارٽي کي بحال ڪرڻو پوندو، ايوان ڪسٽوڊين طور اسپيڪر پنهنجي اٿارٽي مڃرائي.

هن اهو به چيو ته چيئرمين ۽ اسپيڪر گڏيل طور پارليامينٽ کي آئين تحت حقيقي مقام ڏيارين، ائين  نه ٿيو ته تاريخ اسان کي ڪڏهن معاف نه ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.