چالان ڪرڻ تي لائين مين پوليس اسٽيشن جي بجلي ڪاٽي باهه ڪڍي !

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ٽريفڪ چالان ڪرڻ تي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ لائين مين پوليس اسٽيشن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي.

اهو واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش جي علائقي باريلي ۾ پيش آيو جتي چالان ڪرڻ تي لائين مين بجلي ڪاٽي پلاند ورتو.

ڀڳوان سوارپ نالي شخص موجب هو موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ مودي سنگهه آفيسر ڪاغذ طلب ڪيا جيڪي ان وقت نه هئا جنهن تي چالان ڪيو ويو.

مون اهلڪار کي يقين ڏياريو هو ته بعد ۾ کيس ڪاغذ ڏيکاريندس پر هو نه مڙيو ۽ پنج سئو رپين جو چالان ڪيائين.

ٻئي ڏينهن ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿيل سوراپ ساٿي ملازمن سان گڏجي پوليس اسٽيشن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي.

پوليس اسٽيشن جي بجلي ڪاٺڻ کانپوءِ هن ميڊيا کي ٻڌايو ته ٿاڻي تي غيرقانوني بجلي استعمال ٿي رهي هئي جنهن کي ڪاٽيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.