اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف طرفان معاشي ڪارڪردگي ۽ پاڪستان جي پرڏيهي قرضن جي حوالي سان هڪٻئي تي لفظي گولاباري جاري آهي.
سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٽوئيٽر تي اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي نيوز پيڪيج جي وڊيو شيئر ڪئي.
ان وڊيو ڪلپ ۾ شوڪت ترين جي گذريل ڏينهن جي پريس ڪانفرنس ڏيکاري وئي آهي، جنهن ۾ هن چيو ته حڪومت چئي ٿي پاڪستان ٺهڻ کان هيل تائين قرضن جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ 80 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جي 4 سالن ۾ قرضن ۾ 80 سيڪڙو نه پر 76 سيڪڙو واڌ ٿي.
مريم اورنگزيب انهن بيانن جو حوالو ڏيندي چيو ته شوڪت ترين صاحب نيٺ اعتراف ڪري ورتو ته عمران صاحب 4 سالن جي حڪومت ۾ 20 هزار ارب رپين جو قرض ورتو، جيڪو تاريخ ۾ ورتل مجموعي قرض جو 76 سيڪڙو آهي، اهڙا ڪيترائي اعتراف اڃا عمران صاحب کي ڪرڻا آهن.
شوکت ترین صاحب نے آخر کار اعتراف کر ہی لیا کہ عمران صاحب نے چار سال کی حکومت میں 20 ہزار ارب روپے کا قرض لیا جو تاریخ پاکستان میں لئے گئے مجموعی قرض کا 76 فیصد ہے۔ ایسے بہت سے اعتراف ابھی عمران صاحب نے کرنے ہیں۔ pic.twitter.com/MHvmpPsafd
— Marriyum Aurangzeb (@Marriyum_A) June 12, 2022
ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان جا ڪُل عوامي قرض پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ 24 هزار 953 ارب رپين مان وڌي 44 هزار 366 ارب رپيا ٿي ويا، جيڪا 78 سيڪڙو واڌ ٿئي ٿي.
For the record: The total public debt under PTI went from Rs 24953b to Rs 44366b, an increase of 78%. And total debt plus liabilities went from Rs 29879b to Rs 53544b, an increase of 79%. PTI has added 79% in 3.75 years of all debt + liabilities added in the previous 71 years. https://t.co/2cS3FUGOOz
— Miftah Ismail (@MiftahIsmail) June 12, 2022
تحريڪ انصاف جي فواد چوڌري، مريم اورنگزيب کي جواب ڏيندي چيو ته جڏهن توهان هر وقت ”ڪينڊي ڪرش“ ئي کيڏندا رهندئو ته اهڙي قسم جي احمقاڻي گفتگو ڪندئو، تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪُل قرض 52 ارب ڊالر ورتو، انهن مان 38 ارب ڊالر توهان جي حڪومتن لاءِ ورتل قرض جي واپسي ڪئي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو پسند ناهي ته پينو حڪومت آءِ ايم ايف بورڊ ۾ ڇا وٺڻ ويندي آهي؟ ختم ڪيو اڳتي هلو.
هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري پاڪستان جي پرڏيهي قرضن جو بريڪ ڊائون ڏيندي چيو ته پرڏيهي قرض 09-2008 ۾ 45 ارب ڊالر، 19-2018 ۾ 70.5 ارب ڊالر، جڏهن ته مارچ 2022 ۾ 88 ارب ڊالر هئا.
جب آپ ہر وقت Candy Crush ہی کھیلتی رہیں گی تو اسی طرح کی احمقانہ گفتگو کریں گی،تحریک انصاف کی حکومت نے کل قرض 52 ارب ڈالر لیا اس میں سے 38 ارب ڈالر آپ کی حکومتوں کے لئے گئے قرض کی واپسی کی،اگر lMF سے معاہدہ پسند نہیں تو بھکاری حکومت IMF بورڈ میں کیا لینے جاتی ہے؟ختم کریں آگے چلیں https://t.co/8hRKWYbEV4
— Ch Fawad Hussain (@fawadchaudhry) June 12, 2022
ٻئي پاسي شوڪت ترين پي ٽي آءِ حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي کي گذريل 30 سالن جي بهترين ڪارڪردگي قرار ڏيندي چيو ته ماڻهن کي دوکو ڏيڻ ڇڏيو، توهان کي سچ جي خبر آهي، توهان جي حڪومت جي گذريل 8 هفتن ۾ بدترين ڪارڪردگي واضح آهي.
By including Covid affected 2020(-0.94%) in the averages when the entire world had -ve 5/6growth,who are you kidding.Our last two year performance is the the best in 30 years. Stop deceiving people, they know the truth. Your performance is evident in the last 8 weeks, pathetic. pic.twitter.com/QD8lSxjdp2
— Shaukat Tarin (@shaukat_tarin) June 12, 2022
هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن دعويٰ ڪئي ته ڪووڊ باوجود جڏهن سڄي دنيا ۾ ٽيڪس جو دٻاءُ وڌي ويو، پي ٽي آءِ جي حڪومت قرضن ۾ 76 سيڪڙو واڌ ڪئي، پي ايم ايل (ن) پنهنجي حڪومتي دور ۾ قرضن ۾ 79 سيڪڙو واڌ ڪئي.
Yousaf,I have known you to be objective. While our debt increased by76% despite Covid when tax burdens increased world over,PML N increased debt by 79% during their time,Our GDP growth was also 72%. So our tax/Gdp is 65% Vs theirs 64%.You should not distort facts. https://t.co/PEgR2QHPx0
— Shaukat Tarin (@shaukat_tarin) June 12, 2022
پاڪستان جي اقتصادي سروي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جا ڪُل قرض مارچ 2022 جي پڄاڻي تائين 88.8 ارب ڊالر يا 16 لک 29 ارب رپين تائين پهچي ويا هئا.
ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجيٽ ۾ ڪيترن ئي حوالن سان بهتري آئي آهي، خاص طور تي بلوچستان جي بجيٽ ۾ نوجوانن کي تعليم حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ فائدا فراهم ڪيا ويا آهن ۽ مالياتي طور تي ڪمزور ماڻهن لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊيز رکيون ويون آهن.
Budget represents a significant improvement in several ways. It has provided more educational opportunities for our youth, particularly from Balochistan & targeted subsidies for financially weaker people. More importantly, it has taxed non-productive assets of the rich.
— Shehbaz Sharif (@CMShehbaz) June 12, 2022
هوڏانهن وري تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت قبيلائي ضلعن جي خاص ضرورتن کي ڏسندي بجيٽ ۾ ٽيڻ تي واڌ ڪئي هئي پر موجوده حڪومت رڳو 110 اربن جي بجيٽ رکي.
Given the special needs of tribal districts my govt had increased their funding by 3x to Rs 131 bn.Imported
Govt has budgeted only Rs 110bn, reduced dev funding, 0 allocation for displaced persons & 0 increase in current budget.Shows incompetence & ill intent of govt of crooks.— Imran Khan (@ImranKhanPTI) June 12, 2022
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ قبيلائي ضلعن جي ماڻهن لاءِ 131 ارب رپيا بجيٽ ۾ رکيا ويا هئا پر شهباز حڪومت طرفان قبيلائي ضلعن ۾ ترقياتي فنڊن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، بي گهر ماڻهن لاءِ ڪجهه نه رکيو ويو، جڏهن ته اسان جي ڏنل گذريل بجيٽ ۾ به ڪٽوتي ڪئي وئي، ان عمل سان ڏوهارين جي حڪومت جي نااهلي ۽ بدنيتي ظاهر آهي.