واٽس ايپ گروپ ميمبرن جو انگ 500 تائين ڪيئن وڌائجي؟

ميٽا جي ايپ واٽس ايپ ڪيترائي نوان فيچرز ڏنا آهن ۽ هاڻي گروپ ميمبرز جو انگ به ٻيڻو ڪيو ويو آهي.

ميسيج ري ايڪشنز سان گڏوگڏ گروپ چيٽ ميمبرن جو انگ وڌائڻ واري سهولت هاڻي واهپيدارن لاءِ موجود آهي.

واٽس ايپ واهپيدار هاڻي ڪنهن گروپ ۾ 256 بدران 512 ميمبرن کي شامل ڪري سگهندا.

اهو فيچر اينڊرائيڊ، آءِ او ايس ۽ ڊيسڪ ٽاپ ورزن ۾ سمورن واهپيدارن لاءِ موجود آهي رڳو اوهان کي واٽس ايپ اپ ڊيٽ ڪرڻو پوندو.

جيڪڏهن اوهان به اهو فيچر آزمائڻ چاهيو ٿا ته ايپ کولي ٽن ڊاٽس واري مينيو تي ڪلڪ ڪريو.

مينيو ۾ ڪريئيٽ گروپ جي آپشن کانپوءِ ڪانٽيڪس جي چونڊ ڪريو ۽ نئين گروپ جي هيٺان لکجي ايندو ته 512 مان ڪيترا ميمبر سليڪٽ ڪرڻ چاهيو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.