مهڪ نور جي همراهه سان مبينا طور لکين رپين جي ٺڳي، ٿاڻي تي شڪايت داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) فلمساز شيخ اڪرم اداڪارا مهڪ نور خلاف پوليس اسٽيشن ۾ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

شيخ اڪرم درخواست ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته مهڪ نور 2 لک 25 هزار رپين ۾ سندس فلم جو ڪم مڪمل ڪرائڻ جو معاهدو ڪيو هو.

هن مهڪ نور تي الزام لڳايو آهي ته اداڪارا هڪ لک 25 هزار رپيا اوڳاڙڻ بعد فلم کي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.

شيخ اڪرم طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ اهو به چيو ويو آيه ته اداڪارا جي فلم جي باقي شوٽنگ ۾ حصو نه وٺڻ سبب کيس 6 لک رپين جو نقصان ٿيو آهي.

درخواست ۾ هن چيو ته مهڪ کي چيو وڃي ته هو سندس فلم پوري ڪرائي ۽ نقصان ڀري ڏئي.

اها درخواست لاهور جي ٿاڻي قلعه گجر سنگهه ۾ داخل ڪرائي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.