”منهنجو گيم شو وارو ڪيريئر عامر لياقت جي ڪري شروع ٿيو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ چيو آهي ته سندس گيم شو جو ڪيريئر عامر لياقت حسين جي ڪري شروع ٿيو هو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو عامر لياقت حسين جو مداح آهي ۽ سندس دل ۾ هميشه هن لاءِ عزت ۽ پيار رهيو.

فهد مصطفيٰ چيو ته عامر لياقت حسين صاحب اسان جي لاءِ هڪ اهڙو مثال هو جنهن جي انداز کي هر ڪو ڪاپي ڪرڻ چاهيندو هو.

اداڪار چيو ته شوز جي حوالي سان منهنجو جيڪو ڪيريئر آهي اهو رڳو عامر لياقت جي ڪري ئي شروع ٿيو پر هن پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ڏکيو وقت ڏٺو.

هن چيو ته مان عامر لياقت صاحب لاءِ سولائي جي دعا ڪندو هيس پر مون کي اهو اندازو ئي نه هو ته هو دنيا ڇڏي ويندو.

فهد مصطفيٰ عامر لياقت لاءِ مغفرت جي دعا به ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.