اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت قبيلائي ضلعن جي بجيٽ ۾ ڪا واڌ نه ڪئي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت قبيلائي ضلعن جي خاص ضرورتن کي ڏسندي بجيٽ ۾ ٽيڻ تي واڌ ڪئي هئي پر موجوده حڪومت رڳو 110 اربن جي بجيٽ رکي.
قبائلی اضلاع کی خصوصی ضروریات کےپیشِ نظرمیری حکومت نے3گنااضافےکیساتھ انکی فنڈنگ131ارب کی۔امپورٹڈحکومت نےبجٹ میں محض110ارب رکھتےہوئے ترقیاتی بجٹ کم کیاجبکہ بےگھرآبادی کیلئےایک پائی مختص کی نہ ہی موجودہ بجٹ میں ایک روپےکااضافہ کیا۔اس سے مجرموں کی سرکارکی نااہلی+بدنیتی عیاں ہے
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) June 12, 2022
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ قبيلائي ضلعن جي ماڻهن لاءِ 131 ارب رپيا بجيٽ ۾ رکيا ويا هئا پر شهباز حڪومت طرفان قبيلائي ضلعن ۾ ترقياتي فنڊن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، بي گهر ماڻهن لاءِ ڪجهه نه رکيو ويو، جڏهن ته اسان جي ڏنل گذريل بجيٽ ۾ به ڪٽوتي ڪئي وئي، ان عمل سان ڏوهارين جي حڪومت جي نااهلي ۽ بدنيتي ظاهر آهي.