ملتان (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي ون ڊي ڊيبيو ڪيپ ملي وئي، هن اڄ ويسٽ انڊيز خلاف ملتان ۾ ڊيبيو ڪيو آهي.
پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ملتان ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
ٽاس کٽڻ کانپوءِ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف کي آرام ڏئي سندن جاءِ تي حسن علي ۽ شاهنواز ڏاهاڻي کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
شاهنواز ڏاهاڻي کي شاهين آفريدي ون ڊي ڊيبيو ڪيپ پيش ڪئي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان شاهنواز ڏاهاڻي کي ون ڊي ڊيبيو ڪيپ ملڻ جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي آهي.
🧢 @ShahnawazDahani received his ODI debut cap from @iShaheenAfridi.#PAKvWI | #KhelAbhiBaqiHai pic.twitter.com/jTkLLBxifB
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) June 12, 2022
واضح رهي ته شاهنواز ڏاهاڻي پاڪستان طرفان ٻه ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏي چڪو آهي.