لاهور کان دبئي ويندڙ اُڏام وڏي حادثي کان بچي وئي

لاهور  (م ڊ ) لاهور کان دبئي ويندڙ سيرين ايئر  جي اڏام حادثي کان ذري گهٽ بچي وئي. اڏام ڀرڻ جي ڪجهه دير کانپوءِ جهاز سان پکي ٽڪرائجي ويو جنهن تي ڪپتان فوري لاهور ايئر پورٽ تي ايمرجنسي لينڊنگ لاءِ ڪنٽرول ٽاور سان رابطو ڪيو. ڪنٽرول ٽاور جهاز کي لينڊنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ جهاز کي هيٺ لاٿو ويو.ايئرپورٽ تي سمورا حفاظتي انتظام مڪمل ڪيا ويا هئا ۽ لينڊنگ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ايئرپورٽ تي احتياط طور فائربريگيڊ ۽ ريسڪيو ٽيمن کي پڻ طلب ڪيو ويو هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.