مٽياري ضلعي ۾4 انسپيڪٽرن سميت67 پوليس اهلڪار ڏوهن ۾ ملوث هئڻ تي معطل

مٽياري ( ڊ ر) آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ جي حڪم تي ايس ايس پي مٽياري ڪليم ملڪ مٽياري ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس آفيسرن ۽ وڏن منشين سميت 67  ڄڻن کي ڪرمنل ڪيسن۾ ملوث ھئڻ جي الزام هيٺ معطل ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو. معطل ٿيلن ۾ 4 انسپيڪٽر، 2 سب انسپيڪٽر،11 اي ايس آءِ، 50 جمعدار ۽ سپاهي شامل آهن،معطل ٿيلن ۾ انسپيڪٽر محمد عالم ڀنگر، انسپيڪٽر شمس الدين ڏاهري، انسپيڪٽر اشتياق احمد ميتلو، انسپيڪٽر مشتاق احمد عالماڻي، سب انسپيڪٽر امداد علي زرداري، ذوالفقار علي اوڍاڻو، اي ايس آءِ محمد عارف ڀٽي، سانوڻ خان ڄڙهه، محمد رمضان سيال، محمد امين سنگراسي، صحبت علي لاکو، شهزادو راهو، توفيق احمد راجپوت، غلام علي راهو، رب ڏنو خاصخيلي، منظور علي ڏاهري ۽ ٻيا شامل آهن، آءِ جي سنڌ پوليس جي حڪم تي معطل ٿيلن کي فوري طور تي لائين حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي جڏهن ته آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل بورڊ جي انڪوائري رپورٽ اچڻ تائين کين لائين ۾ رکڻ جو هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.