ڪراچي ۾ فائرنڪراچي ۾ فائرنگ، نوجوان مارجي ويو، 4 ڄڻا زخميگ، نوجوان مارجي ويو، 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ، ھڪ ڄڻو قتل،4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ھڪ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي.رپورٽ  موجب مومن آباد ۾ ٻن گروپن جي جھيڙي دوران فائرنگ ۾ 30 سالن جو فدا حسين پٽ لطيف الله شاھ  مارجي ويو.پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو. هوڏانهن گارڊن ٿاڻي جي حد عثمان آباد اسٽريٽ نمبر 6 ۾ 25 سالن جي نوجوان محمد عمران پٽ محمد اختر گھر اندر خودڪشي ڪري ڇڏي. کارادر ۾ بڙا امام بارگاھ  ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي شهري علي احمد کي ڇريون هڻي زخمي ڪيو ويو. نيو ٽائون ڀرسان نور ميڊيڪل ڊي ايڇ ايل جمال الدين روڊ تي ھٿياربند فائرنگ ڪري واپاري محمد عمران پٽ امانت علي کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا. پوليس موجب واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو لڳي رھيو آهي. سکن ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 12 تي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ سراج احمد پٽ گلبھار زخمي ٿي پيو. اورنگي ۾ بابو ھوٽل قصبا ڪانٽي ڀرسان جھيڙي ۾ معشوق پٽ دين محمد زخمي ٿي پيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.