سنڌ پوليس ۾عورت اهلڪارن کي وڌيڪ موقعا ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ عورت پوليس اهلڪارن کي وڌيڪ موقعا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.ڪراچي پوليس ۾  مقرر عورت اهلڪارن لاءِ وڏي خوشخبري سامهون آئي آهي، عورت پوليس اهلڪارن کي پوليس اسٽيشن سطح تي مقرر ڪيو ويندو.  آءِ جي سنڌ عورت پوليس اهلڪارن کي وڌيڪ موقعا ڏيڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته عورتن کي ڊيوٽي آفيسرن سميت ٻين پوسٽن تي مقرر ڪيو ويندو. غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪراچي جي مختلف ٿاڻن ۾ عورت ايس ايڇ اوز کي مقرر ڪيو ويو آهي.آءِ جي سنڌ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪاروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته 12 نيون گاڏيون خريد ڪيون وينديون ۽ 7 هزار نوان شيل خريد ڪيا پيا وڃن. سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن تيز ڪيو ويندو، ضرورت پوڻ تي ايئر ايمبولينس به استعمال ڪئي ويندي، سٺن پوليس آفيسرن کي فوري طور ڪوريوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته خراب شهرت رکندڙ آفيسرن خلاف سخت فيصلا ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.