غوث پور واسي پورهيت سميت 2 مغوي ڀنگ ڀري بازياب

غوث پور (رپورٽ: عبدالغفار اوڳاهي) غوث پور مان ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل ڳوٺ غلام قادر شيخ واسي کير کپائيندڙ پورهيت نوجوان  رحيم بخش شيخ ۽ 6 مهينا اڳ گهوٽڪي مان اغوا ٿي ويل خانيوال واسي محمد صفيان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي ويا.غوث پور پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گيهلپور جي ڪچي واري علائقي مان ٻنهي مغوين کي مقابلي دوران بازياب ڪرايو. پوليس موجب جکراڻي ۽ شر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار سبب ڌاڙيل مغوين کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڳجھي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪئي، هٿياربندن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هٿياربند ٻنهي مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا.  هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته کير کپائيندڙ رحيم بخش شيخ جي بازيابي ڀنگ عيوضِ عمل ۾ آئي جڏهن ته خانيوال واسي محمد صفيان جي بازيابي هڪ بااثر جي  مداخلت سبب ٿي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.