سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور:جهوڪ کان بٺوري تائين سوين ماڻهن جو پنڌ مارچ

ميرپور بٺورو/جهوڪ/بلڙي شاھ ڪريم (نمائندن وٽان) سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ سنڌ کي بنجر ڪرڻ خلاف درگاھ شاھ عنايت کان ميرپور بٺوري تائين  ڌرتي ڌڻين نياڻين سوڌو 12 ڪلميٽر پنڌ مارچ ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي. ڪالهه 11 وڳيقافلو جھوڪ کان جلوس جي شڪل ۾ صوفي شاھ عنايت شھيد جي مزار  تي پھتو، جتي صحافي نعمت کهڙو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين صوفي حضور، عثمان پنھور،  قومي عوامي تحريڪ جي اشرف پليجو ،سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ رفيعه پليجو، جسقم آريسر ضلعي سجاول جي صدر عبدالغفور چانگ، جسقم بشير جي حاجي جلالاڻي،علي حسن جلالاڻي, پي ٽي آءِ جي اشرف جتوئي، سماجي ورڪر سارا آڪاش, سميرا ۽ بينظير زنئور جي اڳواڻي ۾ ساڍي يارهين وڳي پيادل مارچ درگاهه جھوڪ، ابڙال روڊ، باب شاھ عنايت، ڪڇي ڪالوني، شاھ عنايت جي شھادت گاھ کان ٿيندو حيدرآباد سجاول قومي شاھراھ کان 12 ڪلوميٽر گشت ڪندو ميرپور بٺوري پھتو، مارچ جو ميرپور بٺوري پھچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. بٺوري ۾ مارچ جي پڄاڻي تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مارچ ۾ شامل پانڌيئڙن جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا، جيڪي زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سازش تحت پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي، پاڻي جي کوٽ سبب زراعت تباھ ٿي رھي آھي، زرخيز زمينون بنجر ٿي رھيون آھن. ھنن چيو ته پيپلز پارٽي گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رھي آھي پر پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آھن، پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي رھيو آھي، ارسا، پ پ پ، پنجاب حڪومت ۽ وفاق سنڌ جي پاڻي بند ڪرڻ واري سازش ۾ ملوث آھن. ھنن چيو ته سنڌو درياءُ تي پھريون حق سنڌ جو آھي پر سنڌ جو پاڻي بند ڪري پنجاب جا قاتل ڪئنال وھايا پيا وڃن، سنڌ جي حصي جو پاڻي به پنجاب کڻي رھيو آھي، پنجاب ڏاڍ جي زور تي سنڌ سان ظلم ڪري رھيو آھي.هنن وفاقي وزير خورشيد شاهه کان مطالبو ڪيو ته وفاق کان سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏياري سنڌ جي زراعت کي تباهي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.