شهباز کي باضابطا ضمانت ، عزت اثاثو آهي، مون تي سنگين الزام لڳايا ويا

لاهور (م ڊ ) عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي باضابطا ضمانت ملي وئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز سميت ٻين شريڪ جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست منظور ڪري  ورتي.شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت ٻين جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي خاص عدالت ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ روپوش ٽن جوابدارن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، ايف آءِ اي جي وڪيل فاروق باجوا عدالت کي ٻڌايو ته ٽئي جوابدار ڏنل پتي تي موجود نه ناهن.جنهن بعد وزيراعظم شهباز شريف روسٽرم تي اچي چيو ته منهنجو حق آهي ته پنهنجي ضمانت بابت عدالت کي حقيقتون ٻڌايان.شهباز شريف چيو ته ايف آءِ اي جو ڪيس به اهو ئي آهي جيڪي نيب ٺاهيا هئا، مون خلاف آشيانه هائوسنگ ۽ رمضان شوگر ملز جا ڪيس ٺاهيا  ويا. ان دوران جج شهباز شريف کان پڇاڻو ڪيو  ته ڇا انهن ملن ۾ اوهان جو ڪو حصو ناهي؟ جنهن تي شهباز شريف چيو ته منهنجو ڪو شيئر ناهي، شوگر ملز جو ڊائريڪٽر آهيان نه مالڪ ۽ نه ئي حصيدار آهيان. هن عدالت کي ٻڌايو ته نيب منهنجي خلاف سپريم ڪورٽ وئي. ان وقت جي چيف جسٽس منهنجي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست ۾ چيو ته ڪرپشن جا ثبوت ڪٿي آهن، نيب اتان به پڇ لوڏيندو ڀڄي ويو. شهباز شريف چيو ته نيب جي ٽارچر سيل ۾ هئس، اتان جيل ويس ته ايف آءِ اي وارا ٻه دفعا مون وٽ آيا، ايف آءِ اي وارن کي چيو ته پنهنجي وڪيل سان مشورو ڪرڻ کانسواءِ جواب نٿو ڏئي سهگان، مون زباني ايف آءِ اي کي حقيقتون ٻڌائي ڇڏيون هيون، منهنجي ڪيسن جو ميرٽ تي فيصلو ٿيو ۽ مان ٻاهر آيس. سندس چوڻ هو ته عزت ئي انسان جي ملڪيت هوندي آهي، مون تي انتهائي سنگين الزام لڳايا ويا، ڪيئي حاضريون ڀوڳيون، ايف آءِ اي  ڇنڊ پٽي وئي ته چالان  پيش ڇو نه پيو ڪيو وڃي. مونکي لڳي ٿوته ايف آءِ اي  وارا گرفتاري جو رستو ڳولي رهيا هئا، انڪري چالان ۾ دير ڪئي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.