هاڻي موبائل فون بئلينس تي به ڪٽوتي ٿيندي

اسلام آباد (م ڊ) بجيٽ ۾ موبائل فون بئلينس تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ 3.5 سيڪڙو واڌ جي تجويز اچي وئي آهي.نجي ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب حڪومت طرفان ٽيليڪام سروسز تي لاڳو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 16 سيڪڙو وڌائي 19.5 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.وفاقي بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت هلندڙ سال ٽيلي ڪام سروسز تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.ياد رهي ته گذريل سال حڪومت طرفان ٽيلي ڪام سروسز تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي هڪ سيڪڙو گهٽائي وئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.