ماهرن دوائون سستيون ٿيڻ بابت سرڪاري اپاءُ اڻپورا ڪري ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽر) وفاقي بجيٽ ۾ سگريٽن تي ٽيڪس وڌائڻ سٺو سنوڻ آهي، ان سان ملڪ ۾ وات جي ڪينسر ۾ گھٽتائي ٿي سگھندي. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر مرزا علي  اظهر ۽ سنڌ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ويلفيئر ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر اخلاق احمد بجيٽ بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بجيٽ ۾ ڪجهه سيڪڙو ايڪٽيو فارماسوٽيڪل انگريڊينٽس کي ڪسٽم ڊيوٽي کان مڪمل ڇوٽ ڏيڻ ڪافي ناهي، ان سان دوائن جي اگهن ۾ ذڪر جوڳي گھٽتائي نٿي ٿي سگھي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.