لاهور( م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي عثمان بوزدار ۽ اڳوڻن وزيرن کي حڪومتي ڪارروائين بابت ٻڌائي ڇڏيو. چوڌري پرويز الاهي عثمان بوزدار ۽ اڳوڻن وزيرن سان ملاقات ڪئي. پنجاب اسيمبلي جي اسيپڪر پي ٽي آءِ اڳواڻن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرائڻ جي مذمت ڪندي چيو ته پنجاب پوليس اسيمبلي ميمبرن ۽ عملي کي هراسان ڪري رهي آهي. هن چيو ته بجيٽ اجلاس جي تياري ڪندڙ عملي کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته بجيٽ اجلاس ڪيئن ٿيندو؟. 03