عمران خان معافي وٺي:شيري رحمان مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان جي نااهل حڪومت معيشت کي مفلوج ڪري وئي آهي، معاشي بحران پيدا ڪرڻ تان عمران خان کي عوام کان معافي وٺڻ گھرجي.پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته نئين حڪومت کي ڏکيائين ۾ وجهڻ لاءِ عمران خان پيٽرول ۽ بجلي تي فنڊ نه ٿيل سبسڊي ڏني.شيري رحمان جو چوڻ هو ته عمران خا  جي غلط فيصلن جو نتيجو اڄ ملڪ جو عوام ڀوڳي رهيو آهي، اتحادي حڪومت کي ورثي ۾ قرض، مهانگائي، بيروزگاري، خوراڪ، توانائي بحران ۽ ٻيا خسارا مليا.هن چيو ته عمران خان جي ڪري ملڪ کي ڪڻڪ ۽ کنڊ درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي.شيري رحمان چيو ته عمران خان جي ڪري ئي ملڪ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، معاشي بحران جي باوجود اتحادي حڪومت مناسب بجيٽ پيش ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.