پ پ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو لاڏاڻو ڪري ويو

بدين (رپورٽ:رازق ڏنوکوسو) پيپلز پارٽي جو سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو لاڏاڻو ڪري ويو.خانداني ذريعن فوتگي جي تصديق ڪري ڇڏي.سڪندر منڌرو ڪڊني ۾ ڪينسر سبب امريڪا جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو خانداني ذريعن موجب سڪندر منڌرو جو مڙهه ٽن ڏينهن بعد سنڌ آندو ويندو، جتي بدين ۾سندس تدفين  ٿيندي.سڪندر منڌرو شهيد بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي ۽ پيپلز پارٽي جو باني ڪارڪن هو. ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي لاڏاڻي تي بدين ۾ ڏک جي لھر ڇانئجي وئي..ڊاڪٽر سڪندر منڌرو  جولاءِ 1941ع تي گولاڙچي تعلقي جي ڳوٺ متارو منڌرو ۾ پيدا ٿيو.هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ آڪري ۽ سيراڻي مان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ هو نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهڻ ويو.هن ايم بي بي ايس ان وقت جي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شورو مان پاس ڪري بدين شهر ۾ پنهنجي منڌرا اسپتال قائم ڪئي.هن جي شادي 1972 ڌاري حيدرآباد جي علمي ادبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ محمد صادق ميمڻ جي ڌي ڊاڪٽر خالده سان ٿي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ ذڪريا منڌرو ۽ هڪ نياڻي اميمه منڌرو آهن.ذڪريا منڌرو هن وقت گوگل ڪمپني ۾ اعلي عهدي تي ڪم ڪري ٿو ۽ آمريڪا ۾ ر هي ٿو جڏهن ته سندس نياڻي اميمه منڌرو ون ليگ يونيورسٽي جي فائونڊر آهي.ڊاڪٽر سڪندر منڌري پنهنجي سياست جي شروعات پيپلز پارٽي کان ڪئي ۽ ذوالفقار ڀٽي جي شروعاتي ساٿين مان هڪ هو. هن ذوالفقار ڀٽي کان وٺي بلاول ڀٽي زرداري تائين پيپلز پارٽي سان ڀرپور وفا ڪئي. هو 6 دفعا صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تان اليڪشن لڙيو ۽ مسلسل پنج دفعا ايم پي اي چونڊيو.هن پيپلز پارٽي سان وابستگي جي ڪري جنرل ضياءُ جي مارشل لا دوران شديد فوجي تشدد کي ڀوڳيو ۽ ان بعد 10 سال سعودي عرب جلاوطن ٿي ويو، جتي پاڻ ۽ سندس گهر واري مڪي جي اسپتال ۾ نوڪري ڪندا هئا. هن جي گهر واري ڊاڪٽر خالده سڪندر به ساڻس گڏ پيپلز پارٽي ليديز ونگ بدين جي پهرين صدر رهي چڪي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر سڪندر به  جلاوطني کان پهرين ۽ جلاوطني بعد پيپلز پارٽي بدين جو صدر رهيو آهي. کيس بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ انهي عهدي تان هٽايو ويو. هو 1994ع ۾ عبدالله شاهه جي وزارت دوران پهريون دفعو ڪوآپريشن جو وزير ٿيو ۽ ٻيو دفعو 2013ع ۾ هو سنڌ جو وزير قانون ۽ صحت رهيو. 2018ع ۾ کيس سينيٽر چونڊرايو ويو.ڊاڪٽر سڪندر گولاڙچي جي صوبائي  تڪ تان ٻه دفعا اليڪشن وڙهيو، جنهن ۾ 1990ع ڌاري هن اسماعيل راهو هٿان شڪست کاڌي ۽ ڄام صادق جي حڪومت هن تي ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو جڏهن ته 1993ع جي اليڪشن ۾ گولاڙچي جي ئي تڪ تي هو ٻيهر اسماعيل راهو کان اليڪشن کٽي صوبائي وزير بڻيو.ان کان پوءِ هو مسلسل بدين جي صوبائي تڪ تان اليڪشن وڙهندو ۽ فتح حاصل ڪندو رهيو 1997ع ۾ ان وقت جي نگران وزير نبي بخش ڀرڳڙي جي نياڻي ڪهڪشان ڀرڳڙي، ڊاڪٽر فهميده مرزا جي ڀاءُ قاضي امجد، ق ليگ جي اميدوار سائين بخش جمالي ۽ ارباب غلام رحيم جي حمايتي اميدوار تاج محمد ملاح کان اليڪشن کٽي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.