ڊاڪٽر عامر لياقت جي گهر کي سيل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پوليس جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڊاڪٽر عامر لياقت جي گهر کي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته گهر کي عامر لياقت جي حقيقي وارثن حوالي ڪيو ويندو.پوليس موجب ڪرائيم سين جي فرانزڪ رپورٽ جو انتظار آهي، اڃا تائين گهر يا ملڪيت جو دعويدار ناهي مليو، گهر عامر لياقت جي حقيقي وارثن حوالي ڪيو ويندو.پوليس جو چوڻ آهي ته نادرا مان مرحوم ڊاڪٽر عامر لياقت جي مڪمل ڊيٽا حاصل ڪئي وئي آهي. آفيسرن جو چوڻ آهي ته نادرا جي رڪارڊ ۾ پهرين زال بشريٰ جي طلاق جو سرٽيفڪيٽ ۽ ٻي زال طوبيٰ جي طلاق جو سرٽيفڪيٽ رڪارڊ تي آهي جڏهن ته ٽئين زال دانيه جي طلاق جو سرٽيفڪيٽ ناهي.پوليس جو چوڻ آهي ته دانيه بهاولپور جي عدالت مان خلع جي درخواست داخل ڪئي هئي، خلع ۽ طلاق جو درجو طئي ٿيڻ بعد ئي رڪارڊ اپڊيٽ ڪيو ويندو، طلاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ دانيه وارثي جي دعويٰ  ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.