ٽنڊو الهيار پوليس جي مبينا تشدد ۾ پورهيت مارجي ويو، حيدرآباد روڊ تي لاش رکي ڌرڻو

ٽنڊوالهيار (رپورٽ:حسرت لغاري) ٽنڊو الهيار پوليس جي مبينا تشدد ۾ پورهيت مارجي ويو، وارثن حيدرآباد روڊ تي لاش رکي  ڌرڻو هنيو.رپورٽ موجب ٽنڊوالهيار بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاني خاصخيلي واسي  5 ٻارن جي پيءُ 45 سالن جي خدا بخش عرف ڀورو خاصخيلي کي پوليس ڪچو شراب وڪڻڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري  لاڪ اپ ۾ رکيو ،جتي مٿس تشدد ڪيو ويو، ڪالهه صبح جو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس حيدرآباد سول اسپتال ۾ ڇڏي پوليس فرار ٿي وئي،جتي پورهيت ڀورو خاصخيلي فوت ٿي ويو.هوڏانهن پوليس تشدد ۾ مارجي ويل پورهيت جو لاش وارثن ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون.ان موقعي تي مولا بخش خاصخيلي، علي نواز خاصخيلي، رشيد خاصخيلي، بادشاهه خاصخيلي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ماڇي هوٽل پوليس پوسٽ انچارج الله وسايو نهڙيو خدابخش عرف ڀورو خاصخيلي کي ماڇي هوٽل پوسٽ تي گهرائي ٽنڊوالهيار بي سيڪشن ٿاڻي تي وٺي وڃي بنا جواز لاڪ اپ ڪيو، جتي مٿس تشدد ڪيو ويو، حالت خراب ٿيڻ تي پوليس کيس اسپتال ۾ ڇڏي ھلي وئي جيڪو علاج دوران فوت ٿي ويو. هنن چيو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي انچارج ۽ اهلڪارن ڀورو خاصخيلي کي آزاد ڪرڻ لاءِ 20 هزار رُپيا رشوت گُهرِي، پئسا نه ملڻ تي نوجوان مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. ايس ايس پي ٽنڊوالهيار فاروق بجاراڻي جي ٻن ڊي ايس پيز تي ٻڌل وفد ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج  ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون. پوليس عملدارن جي خاطري تي احتجاج  ڪندڙن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ٽرئفڪ بحال ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.