سنڌ ۾ نوڪري لاءِ ڊوميسائل جي تصديق ڪرائي ويندي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي جو ايندڙ ميئر پيپلز پارٽي جو هوندو، سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي  ته ملازمت ڏيڻ وقت ڊوميسائل جي تصديق ڪرائي ويندي ملازمت مقامي ماڻهن جو حق آهي انهن سان ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي، سومر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پبلڪ سروس ڪميشن کي فعال ڪرڻ وارو بل منظور ڪرايو ويندو، ايندڙ بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته شهرين تي ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو وڃي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪلفٽن ۾ واقع راشد رباني فيملي پارڪ جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ جيترا پارڪ ۽ راندين جا ميدان ماضي ۾ تباهه ٿي ويا، انهن تي قبضا ڪيا ويا هئا، انهن کي ٻيهر بحال ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته شهرين تي ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو نه ڪيو وڃي، ايندڙ مالي سال کان پراپرٽي ٽيڪس بلدياتي ادارا جمع ڪندا ۽ توقع آهي ته يوٽيلٽي چارجز به بجلي جي بلز ۾ شامل ڪيا ويندا جنهن سان بلدياتي ادارن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪي ايم سي جي رٽائرڊ ملازمن جي بقايائن جي ادائيگي لاءِ 90 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي ڪابينا منظور ڏئي ڇڏي آهي ڪابينا جي ڪميٽي به سفارش ڪري ڇڏي آهي، هاڻ وڏي وزير جي منظوري سان هڪ سٺو پئڪيج اسان کي ملڻ وڃي رهيو آهي. سنڌ حڪومت جو بجيٽ اچڻ کان پوءِ ڪي ايم سي جي رٽائرڊ ملازمن جي ان مسئلي کي حل ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جهنڊي ۽ ڏنڊي جي سياست ڪري ٿي، هاڻ انهن وٽ صرف ڏنڊا رهجي ويا آهن جيڪي به ڪڏهن ڪڏهن اسلام آباد ۽ ٻئي شهر ۾ نظر اچن ٿا عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.