ڇا ادارن کي خبر ناھي ته پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو پيو هڻي؟

ٽنڊومحمدخان/هالا/سڪرنڊ (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو  آهي ته پنجاب 91ع  واري ٺاهه تي  عمل ڪرڻ لا تيار ناهي ۽ مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي، پنجاب پنھجا سڀ ڪئنال 24 ڪلاڪ وھائي رھيو آھي ملڪ اندر اھڙو ڪو ادارو آھي جيڪو آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪندڙ پنجاب کي روڪي اھو ته بھتر ھو جو آئين جي پاسداري لاءِ سپريم ڪورٽ رات جو کولي وئي عمران خان جي ڌرڻي لاءِ سپريم ڪورٽ خصوصي ويھڪ ڪري ٿي ڇا ملڪي عدالتن پارليامينٽ ۽ ٻين ادارن کي خبر ناھي ته پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ھر روز ڌاڙو پيو ھڻي؟ اهڙو اظهار هن  26 جون تي سنڌو دريا تي پنجاب جي قبضي خلاف حيدرآباد  باءِ پاس تي اعلانيل ڌرڻي جي سلسلي ۾ ٽنڊي محمد خان،هالا ۽ سڪرنڊ جي دوري دوران ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن سان  گڏجاڻين  ۾ خطاب دوران ڪيو..هن چيو ته   75 سالن تائين سنڌ جي ترقي جا سڀ ذريعا لٽي سنڌ تي ھٿرادو ڏڪار مڙھيو ويو آھي، سنڌ کي سڪائي ڌرتي ڌڻين جو وجود ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڻي جي قدرتي نه پر هٿرادو کوٽ آهي، جنهن جو ذميوار پنجاب آهي.هن چيو ته پاڻي جي سنگين کوٽ جي ڪري سنڌ ۾ نه رڳو معيشت تباهه ٿي آهي پر دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، بک بدحالي جي ڪري ماڻهو هڪ ٻئي کي ماري رهيا آهن،ٻئي طرف مهانگائي ۽ غربت جي ڪري خودڪشين جو ريشو وڌي رهيو آهي، انساني زندگي سان گڏ حيواني حياتي، آبي جيوت ۽ مال متاع اڃ وگهي مري رهيو آهي پر پنجاب پنهنجي جارحيت کان مڙڻ لا تيار ناهي هو ڪنهن به قانون آئين ۽ معاهدي تي عمل نه ٿو ڪري.هن چيو ته  ٽنڊو محمد خان ضلعو تيل ۽ گيس  سان مالا آهي پر علائقي واسي بک بدحالي ۽ فاقاڪشي ۾ وقت گذارين ٿا پر ان جڳهه تي ڌارين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي پر مقامي ماڻهن جي روزگار تي به بندش آهي  تيل ڪمپنين جي غلط پالسين سبب ۽ ڌماڪيدار ۽ زهريلو مواد زمينن ۾ ڦٽو ڪرڻ سبب پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي جر ۾ سنکيو ملي وڃڻ سبب مقامي ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۽ چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن.رياض چانِڊيو عوم کي اپيل ڪئي ته 26 جون تي پنجاب ويندڙ رستو بند ڪرڻ وارو فيصلو ڪنهن پارٽي ڪنهن جهنڊي آڏو جوابدار ناهي، ان ڪري بنا ڪنهن فرق جي سڄي سنڌ ان احتجاج ۾ شامل ٿئي، وقت اچي ويو آهي ته پنهنجي وطن پنهنجي درياءَ ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ گڏيل جدوجهد جي راهه هموار ڪجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.