قومن کي حق ملڻ کان سواءِ حقيقي جمهوريت وجود ۾نه ايندي

حيدرآباد(رپورٽر) ماضيءَ جي آمريتي دورن سان مهاڏا اٽڪائيندڙ ۽ عذاب ڀوڳيندڙ ترقي پسند تحريڪ جي شاگرد اڳواڻن کي حيدرآباد  ۾ ڀيٽا پيش ڪندي ترقي پسند، قومپرست اڳواڻن، ليکڪن، دانشورن ۽ صحافين چيو آهي ته پنهنجي سماج کي سمورن عذابن مان ڪڍڻ جي لاءِ سياسي ڪردار ضروري آهي، ملڪ کي سڪيورٽي اسٽيٽ واري نيريٽو مان ڪڍي جمهوري ۽ عوامي ملڪ تصور ڪيو وڃي، پاڪستان جي جمهوري، قومي ۽ ترقي پسند جدوجهد ۾ سنڌ پنهنجو حصو تمام گهڻو وڌو آهي، پورهيت طبقو اڄ به استحصال جو شڪار آهي، سرمائيداراڻو نظام هاڻ گهڻو پڌرو ٿي چڪو آهي ۽ ان جو وڌيڪ عرصو هلڻ هاڻ ممڪن ناهي، ان ڪري ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ وطن دوست ڌرين کي نئين سر صفبندي ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيال جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ 80ع واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر جي متحرڪ شاگرد اڳواڻن پروفيسر امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو، اسرار لانگاهه ۽ محمد خان سولنگي سان رچايل رهاڻ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ڪامريڊ امداد چانڊيو چيو ته هن چيو ته سمنڊ جي لهرن جيان ڪامريڊ ڄام ساقي کان اڄ جي نوجوان تائين جدوجهد جو سفر جاري رهڻو آهي، نذير عباسي شهيد ٿيو، ڄام ساقي کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويو ۽ اسان ساٿين کي 7،7 سال سزائون ڏئي ڪوڙا هنيا ويا، اهي سموريون سختيون اسان کي جهڪائي نه سگهيون ۽ ماضيءَ جي انقلابي سياست تي اسان کي فخر آهي. هن چيو ته رياست جي ايم سيد جيان ڪامريڊ ڄام ساقي کان ڊڄندي هئي، نوجوان ظلم ۽ جبر خلاف مزاحمت نٿو ڪري اهو نوجوان نه سڏائي. هن چيو ته سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي قربانين جي تاريخ ڊگهي آهي، شهيد نذير عباسي کان وٺي ڪيترن ئي نوجوانن جون شهادتون ۽ قربانيون تاريخ جو اهم حصو آهن. هن چيو ته شهيد نذير  عباسي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي کان ويندي اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي سياسي ڪارڪن ۽ اسان جا ساٿي سختيون ۽ عذاب برداشت ڪندا رهيا آهن ۽ پنهنجي نظريي تي اٽل بيٺا رهيا. هن چيو ته اسان هٿيارن سان نه پر پنهنجي نظرياتي سگهه سان مزاحمت ڪئي آهي، اسان کي ڦٽڪن جو ڊپ نه هو، اڄ به نوجوانن کي اهو سبق ڏيڻ گهرجي ته جڏهن به آمريت پاڻ کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪري ته توهان ان کي عوامي ۽ نظرياتي سگهه سان ڀرپور جواب ڏيو. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجهد ۽ شهيد نظير عباسي جي شهادت اسان کي اتساهه ڏنو، اسان اهو سوچي ڇڏيو هو ته اسان هميشه ڪمزور جي پاسي ٿي بيهنداسين. هن چيو ته جي ايم سيد، ڪامريڊ ڄام ساقي، خير بخش مري، خان غفار خان ۽ شهيد نذير عباسي سميت اسان جا سمورا ترقي پسند ۽ قوم دوست اڳواڻ هڪ ئي قبيلي جا ماڻهو هئا، جن پنهنجي سياست ذريعي اهڙو سماج جوڙڻ پئي چاهيو جيڪو هر انسان کي سورن کان آجو ڪندڙ هجي. هن چيو ته اسان کي سنڌ ۾ اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، نفرت هاڻ گهڻي حد تائين گهٽجي وئي آهي، جمهوريت هيٺين سطح تائين ماڻهن جي شموليت ۽ قومن جي حق خوداراديت کانسواءِ قائم نه ٿي سگهندي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ قومن جي حقن جو تحفظ چاهيون ٿا، سنڌ خودمختيار حيثيت ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي، ان ڪري اسان سنڌ جي هڪ ڪالوني جي حيثيت برداشت نٿا ڪري سگهون، ملڪ ۾ شامل قومن کي پنهنجا حق ڏيڻ کانسواءِ مسئلا حل نه ٿيندا ۽ حقيقي جمهوريت قائم نه ٿيندي. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ محمد خان سولنگي چيو ته اسان جو سڄو خاندان تعليم جي شعبي سان سلهاڙيل هو، پر آئون اهو سمجهان ٿو ته جيڪڏهن کاٻي ڌر جي دوستن سان نه ملان ها ته اڄ شايد ڪنهن ٻئي رستي تي هجان ها، ڪامريڊ امداد چانڊيو جهڙن ماڻهن اسان جي سياسي ۽ نظرياتي تربيت ڪئي. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ شير محمد مڱريو چيو ته هي تقريب منعقد ڪرائيندڙن جو ٿورائتو آهيان، جن اسان کي ياد ڪيو. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ اسرار لانگاهه چيو ته هن قسم جا ميڙاڪا ٿيڻ گهرجن، ماڻهن کي انهن جي حياتي ۾ ڀيٽا پيش ڪجي، 42 سال اڳ 31 مارچ 1981ع تي گرفتار ٿيلن جي ياد ۾ هي پروگرام رکيو ويو آهي. هن چيو ته ايس اين ايس ايف کان مون شاگرد سياست جي شروعات ڪئي، اسان اڄ ڏينهن تائين پنهنجي ان ساڳي نقطي نظر تي قائم آهيون. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ نامياري قانوندان يوسف لغاري چيو ته اڄ جن ڪردارن کي مڃتا ڏني پئي وڃي تن جي نظريي ۽ طريقيڪار سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر انهن جي نيت ۽ ڪردار تي ڪو به شڪ نٿو ڪري سگهجي، سنڌ ۾ ڪميونسٽ پارٽي کي مڃتا ڏيارڻ وارا به هي هئا، هنن ئي سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ کي اڳتي وڌايو، دنيا جي 77 ملڪن ۾ اقتدار يا مخالف ڌر ۾ رهندڙ ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان مان ائين هلي وئي جو ڪا خبر ئي نه پئي. هن چيو ته هنن مذهبي جنونيت ۽ انتهاپسندي خلاف جدوجهد به ڪئي، اڄ ٿر ۾ مذهبي انتهاپسندي پکڙجي رهي آهي، سنڌ ۾ هن وقت وطن دوست ۽ ترقي پسند ڌرين جو گڏيل آواز اٿڻ جي ضرورت آهي. قومپيرست اڳواڻ آصف بالادي چيو ته اڄ مون سوچيو هو ته هڪ دور سان ڳالهائبو، جيڪو گذري ويو، ماڻهو اهي چڱا اهي آهن جيڪي جتي به هجن پنهنجي ڪمٽمينٽ سان پاڻ ملهائين. هن چيو ته اسان کي سائين جي ايم سيد جي فڪر جو ڌاڳو ٻڌل هو ۽ اڄ به پنهنجي رهبر جي ان فڪر کي ساڻ کڻي هلي رهيا آهيون، پر ڪامريڊ امداد چانڊيو ۽ انهن جي دوستن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. هن چيو ته دور هاڻ مٽجي چڪو آهي، نئين سر سوچڻ گهرجي، پر ڇا نئين سر سوچڻ جي اسان ۾ سگهه رهي آهي يا نه؟. هن چيو ته هي وقت تنقيدي جائزي جو وقت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ قومي، جمهوري ۽ ترقي پسند تحريڪ ۾ سنڌ پنهنجو وڏو حصو وڌو آهي، سنڌ سوشلزم ۾ شهيد نذير عباسي جي صورت ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو آهي، اسان قومي جدوجهد ۾ شهيد بشير خان قريشي جهڙي ليڊر جي شهادت جي صورت ۾ قرباني ڏني آهي، سنڌ جمهوري تحريڪ قرباني ڏني آهي. هن چيو ته اڄ جمهوري سياست جا دعويدار عوام کي ٻڪرين ۽ رڍن جو ڌڻ سمجهن ٿا.   نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ رحيم بخش جعفري چيو ته ڪامريڊ امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي ۽ اسرار لانگاهه جهڙن سياسي ڪارڪنن پنهنجي نظريي ۽ سياسي ڪمٽمينٽ سان پاڻ ملهايو،  هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ نواز شريف ملڪ جي سڪيورٽي اسٽيٽ واري نيريٽو ( بيانئي) کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي پاڻ ظاهري طور تي سيڪيولر ۽ جمهوريت پسند سڏائي ٿي پر ان وڏيرن جو گروپ ٺاهي عام عوام کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آهي. انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي جي مرڪزي اڳواڻ اسد اقبال بٽ چيو ته اسان کي مرده پرست هئڻ جي بدران زنده انسانن جي ڪارنامن جو ذڪر ڪريون. نامياري صحافي سهيل سانگي چيو ته ڪامريڊ امداد چانڊيو ۾ اڳواڻي واريون صلاحيتون هيون.. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته سنڌ کي هڪ ڀيرو وري اهڙن ڪردارن جي ضرورت آهي، جيڪي سنڌ کي ڏکن ۽ تڪليفن مان ٻاهر ڪڍي سگهن،. سينيئر صحافي ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي، امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو، اسرار لانگاهه، محمد خان سولنگي ۽ سهيل سانگي سميت پنهنجن انقلابي ساٿين جي آزادي جي لاءِ جڏهن اسان احتجاج ڪندا هئاسين تڏهن هي ساٿي جيلن ۾ به انقلابي گيت ڳائيندا هئا، هي ڪالهه به اسان جا اڳواڻ هئا ۽ اڄ به اسان جا اڳواڻ آهن. شاهه محمد پيرزادو چيو ته سرمائيداراڻو نظام اهي اشارا ڏئي رهيو آهي ته هي هاڻ گهڻو وقت نه هلي سگهندو.  اڳوڻي شاگرد اڳواڻ اسد رضا عابدي چيو ته ڪامريڊ امداد چانڊيو ۽ شير محمد مڱريو سميت ٻين ساٿين جنهن ڪيس ۾ 7 سال جيل جون سختيون ڏٺيون اهو پاڪستان جي تاريخ جو منفرد ڪيس هو جنهن ۾ شاگردن کي هڪ پمفليٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ ايتري وڏي سزا ڏني وئي. هن چيو ته کاٻي ڌر ۽ قومپرست تحريڪ جي ماڻهن وڏيون تڪليفون ۽ ازيتون برداشت ڪيون. نامياري لکيڪ ظفر جوڻيجو چيو ته شاگرد سياست جو سڌو تعلق اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين سان آهي، پر اڄ توهان سويو ته بجيٽ ۾ تعليم جي لاءِ ڪيتري رقم رکي وڃي ٿي، شاگرد جدوجهد ڪمزور هجڻ ڪري ان ظلم تي ڪير ڳالهائي نٿو. هن چيو ته برضعير جي شاگرد سياست تي بمبئي ۽ ڪولڪتي سميت 4 شهرن جي شاگرد سياست جو اثر ٿيو، سنڌ جي شاگرد سياست تي ڪجهه شاگرد جدوجهد جي واقعن اثر ڇڏيا، 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي ۽ ان سال ئي هتي شاگرد تنظيم جڙي هئي. ڊاڪٽر عبدالرحمان پيرزادو چيو ته اسان پنهنجي دڳ کان ڀلجي ويا آهن، انقلاب اسان جي لاءِ پاڪستان جي بجيٽ جهڙو ٿي ويو آهي. پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته اسان کي سوچڻ گهرجي ته اسان اڄ ڪٿي بيٺا آهيون، جيئن سوويت يونين پنهنجي آئڊيالاجي کان هٽي وڃڻ جي ڪري ختم ٿي وئي تيئن هتي به آئڊيالاجي کان هٽي وڃڻ جي ڪري سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياست ۽ قومپرست تحريڪن کي به ڌڪ لڳو آهي. هن چيو ته ڪامريڊ امداد چانڊيو شاگرد سياست ۾ تڪليفون ڏٺيون پر پوئتي نه هٽيو.ڪامريڊ انور پنهور چيو ته هي شخصيتون جنهن نظريي سان سلهاڙيل هئا ۽ آهن اهو انسانيت جي وقار ۽ آزادي وارو نظريو هو،. نيشنل پارٽي سنڌ جي اڳواڻ ڪامريڊ تاج مري چيو ته ڪامريڊ امداد چانڊيو پنهنجي جدوجهد جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو، نامياري شاعر معشوق ڌاريجو چيو ته هي رهاڻ رڳو چئن دوستن سان نه پر سنڌ جي ساڃاهه سان رهاڻ آهي. نامياري ليکڪ ادريس جتوئي ، ڪامريڊ عاليا بخشل ٿلهو، ايڊووڪيٽ سليمان ڏاهري، سينيئر صحافي مهيش ڪمار ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڊاڪٽر حميد سومرو ٿورا مڃيندي چيو ته اسان جي ڪوشش رهندي ته ڪچهرين جو هي سلسلو جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.