پيٽرول اگهه 300 کان ٽپي ويندو، ٻه ڪروڙ ماڻهو غربت حد کان هيٺ زندگي گذاريندا

اسلام آباد( م ڊ)  ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته لَيوِي لڳائڻ سان پيٽرول جو اگهه 300 کان 310 رُپيا في لِٽر ٿي ويندو، بجلي جا اگهه به 39 کان 40 رُپيا في يونٽ ٿي ويندا، نمبرز ڪوڙ نه ڳالهائيندا، حڪومت ڪنهن کي  بيوقوف بڻائي رهي آهي؟ اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين ۽ عمر ايوب گڏيل  پريس ڪانفرنس دوران بجيٽ تي ردعمل ظاهر ڪندي شهباز حڪومت جي بجيٽ کي عوام سان فراڊ قرار ڏئي ڇڏيو .پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته حڪمرانن ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي آهي، زرعي پيدوار ڪيئن وڌائيندا؟ پيٽروليم ليوي 35 رُپين کان شروع ڪئي ويندي، اِن سان مهانگائي جو طوفان ايندو، عام واهپي جي شين جا اگهه اڃا به وڌي ويندا. پي ٽي آءِ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته آءِ ايم ايف بجيٽ کي ڪيئن منظور ڪندو . هن چيو ته لڳي ٿوته هنن کي آءِ ايم ايف کان رليف نه ملندو. شوڪت ترين چيو ته 2 ڪروڙ فردن جي غربت جي لڪير کان هيٺ وڃڻ جو خدشو آهي، حڪومت غريبن لاءِ شروع ڪيل اسان جا پروگرام به بند ڪري ڇڏيا، هي نيب ۽ چونڊن جي قانونن ۾ ترميم ڪرائڻ آيا هئا، لڳي ٿو ته اڳتي آءِ ايم ايف کين ايندڙ نه ڏيندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته بجلي جا اگهه اسان 16 رپيا في يونٽ ڇڏي ويا هئاسين، خدشو آهي ته هاڻي بجلي 39 رپيا في يونٽ تائين ويندي، موجودا حڪومتي دور ۾ بجلي مهانگي ٿيندي، مٿان وري لوڊشيڊنگ به وڌي وئي آهي، گئس جي بلن ۾ 400 سيڪڙو اضافو ٿيڻ وارو آهي، هن چيو ته گرمين ۾ ڪڏهن به گئس جي لوڊشيڊنگ نه ڏٺي آهي نه ٻڌي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.