ڪراچي ۾ مهانگائي خلاف پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن جو گهر جا ٿانو کڻي احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي عورت ونگ پاران ملڪ ۾ مهانگائي خلاف لبرٽي چوڪ تي احتجاجي مارچ ڪيو ويو. پارٽي جي سينيئر اڳواڻن، صائمه نديم، نصرت واحد، ڊاڪٽر سيماءَ ۽ غزالا  سيفي جي اڳواڻي ۾ ڪيل احتجاجي مارچ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي مارچ ۾ شريڪ عورتن جي ۽ ٻارڙن جي هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي حڪومت مخالف نعرا لکيل هئا. احتجاج ۾ شريڪ عورتون گهرن مان چلها، ٿانوَ ۽ چمچا کڻي آيون جيڪي وڄائي احتجاج ڪري رهيون هيون. احتجاج ۾ شريڪ عورتن ملڪ ۾ پيٽرول جا اگهه وڌيڪ هئڻ سبب گڏهه گاڏي تي چڙهي احتجاج ڪيو. ان موقعي عورت اڳواڻن احتجاج کي خطاب ڪندي چيو ته مهانگائي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ عوام کي منظور ناهي.  عمران خان جي دور ۾ عوام تي مهانگائي جو بار نه هو. هنن چيو ته عورتن کي پنهنجي گهر هلائڻ مشڪل ٿي ويو آهي ڇو ته مهانگائي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر عورتون آهن. هنن چيو ته امپورٽڊ حڪومت جو جلد کان جلد وڃڻ ضروري آهي مهانگائي مزدورن سان گڏوگڏ عورتن کي پڻ متاثر ڪيو آهي. هنن چيو ته مهانگائي صرف پي ٽي آءِ جو نه پر هر گهر جو مسئلو آهي. هنن چيو ته امپورٽڊ حڪومت  عورتن کي روڊن تي نڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته بجيٽ ۾ صرف اميرن کي رليف ڏنو ويو آهي جڏهن ته غريبن لاءِ ڪو به رليف ناهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.