مشرف کي اعزاز ، ن ليگ لاءِ امتحان جي شروعات !

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) : پرويز مشرف جي باقي زندگي پروقار طريقي سان جيئڻ واري خواجه آصف جي بيان تي وڏو بحث  هلي رهيو  آهي. سينيئر صحافي ابصار عالم مطيع الله خان سان ڳالهائيندي  چيو ته يحيٰ  خان ملڪ ٽوڙڻ  جو وڏو سبب هو پر سندس فوتگي کانپوءِ پاڪستان ۾ کين وڏو اعزاز سان  جهنڊي ۾ ويڙهي  دفنايو ويو آهي جيڪو اڄ تائين هڪ طعنو بڻيل آهي هن چيو ته منهنجو  هڪ سوال آهي مشرف تي  الزام آهي ته ٻه ڀيرا آئين ٽوڙيو، ڪارگل ۾ 70 هزار  پاڪستاني شهيد ٿيا آهن  جنهن ۾ 7 هزار فوجي شهيد ٿيا ، اڪبر بگٽي ۽ بينظير کي ماريو ويو نواز شريف فيملي سميت  جلاوطن ٿيو ڇا مشرف کانپوءِ ايندڙ  سپورٽر اها حلف  نامو لکي ڏيندا ته هو هاڻي سياست،عدالت ،تجارت  ۽ صحافت  ۾عمل دخل نه ڪندا. اهو عمل جاري رهڻ سان پاڪستان جي حالت نه سڌرندي. ملڪ  ۾ هڪ لائين هجڻ کپي ته جيڪو هن لائين کي ڪراس ڪندو ته کيس سزا ملندي، پر قانون اها نه آهي ته غريب ۽  ڪمزور کي ڦاهي چاڙهي ڇڏي ۽ جيڪو طاقتور آهي اهو جيڪو ڪري  قانون هٿ به نه لڳائيندو. پرويز مشرف جي ڪٽنب جو چوڻ آهي ته هن جي طبيعت سڌرندڙ ناهي، هاڻي ڏسڻو اهيو آهي ته جيڪڏهن پرويز مشرف  جي آخري رسمون پاڪستان ۾ ٿينديون ته   پاڪستان جي عدالتن جا فيصلا، موجوده اتحادي حڪومت خاص طور تي  (ن)  ليگ جي ووٽ کي عزت ڏيو واري بيانيي تي کوڙا سارا سوال اٿندا. هاڻي خواجه آصف کي  پرويز مشرف کي باقي زندگي باوقار طريقي سان گذارڻي بيان تي خواجه آصف کي پرويز مشرف  کان معافي وٺڻ جو چوڻو پوندو ته جيڪو ڪجهه  مشرف جي خلاف قانوني ۽ آئيني الزام هيواهو غلط هو.03

  • ماضي ڏسي مشرف جي ڏيهه واپسي ۾ رنڊڪ نه وجهڻ گهرجي : خواجا آصف

اسلام آباد( م ڊ) بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پرويز مشرف جي صحت خراب هجڻ تي ڏيهه واپسي ۾ ڪابه رنڊڪ نه وجهڻ گهرجي. بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا محمد آصف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته ماضي جي واقعن کي پرويز مشرف جي واپسي اڳيان رنڊڪ نه بڻجڻ گهرجي، دعا آهي ته هو صحتياب ٿئي ۽ هن عمر ۾ وقار سان پنهنجو وقت گذاري. ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي پرويز مشرف جي صحت بابت مختلف خبرون سامهون آيون هيون پر سندس پارٽي ترجمان توڙي ڪٽنب اُنهن خبرن جي ترديد ڪئي هئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.