وڏي وزير سان ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات ، اهم معاملن تي اتفاق

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان پاڪستان ۾ ڪئنيڊا جي هاءِ ڪمشنر وينڊي گلمور وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت رينيوايبل توانائي ۽ هيلٿ سيڪٽر جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ استادن جي تربيت ۽ توانائي جي شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي  وزير چيو ته ڪئنيڊا پاران استادن جي سکيا لاءِ مدد گهربل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.