غوث پور مان نينگري اغوا، رهڙڪي مان بازياب

غوث پور  (ن ع آ) غوث پور شهر جي دولي چوڪ واري علائقي مان هٿياربند راجيش ڪمار جي 14 ورهين جي ڌيءُ مسڪان بالاڻي کي اغوا ڪري ويا. ان موقعي تي نينگريءَ جي وارثن  ٻڌايو ته نامعلوم ھٿياربندن گهر جو دروازو کڙڪايو، مسڪان بالاڻي دروازو کوليو ته هٿياربند کيس اغوا ڪري ويا، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪري ورتا. ٻئي طرف اغوا ٿيل نينگري کي وارثن رھڙڪي مان هٿ ڪري ورتو.

  • پيپلز پارٽي جو افغان معاملي سميت اهم معاملن تي سياسي رابطن جو فيصلو

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي مستقبل جي حڪمت عملي بابت اتفاق راءِ لاءِ اتحادين سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان پيپلزپارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زررداري جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي مستقبل بابت اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ اتحادين سان رابطن جو فيصلو ڪيو ويو. پيپلزپارٽي جي هن  اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پارٽي اجلاس ۾ اڳواڻن جي راءِ هئي ته سمورا فيصلا پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجن.اجلاس ۾ دهشتگردي، افغانستان ۾  افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي ۽ بابت اڳڀرائي وارن معاملن تي غور ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ملڪ بابت سمورا فيصلا پارليامينٽ کي آن بورڊ آڻي ڪرڻ گهرجن، پي پي مستقبل جي حڪمت عملي طئه ڪرڻ لاءِ اتفاق راءِ چاهي ٿي.اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پيپلزپارٽي مستقبل بابت اتفاق راءِ لاءِ اتحادين سان رابطا ڪندي. اجلاس ۾ يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، فريال ٽالپر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي وزيرن، خورشيد شاهه، شيري رحمان، نيئر بخاري، نجم الدين خان، فيصل ڪريم ڪنڊي، قمر زمان ڪائرا ۽ نديم افضل چن شرڪت ڪئي.03

  • ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ضمانت ۾ واڌ

لاهور ( م ڊ ) لاهور جي سيشن ڪورٽ لانگ مارچ ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ  جي اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 18 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي. ايڊيشنل سيشن  جج صائمه قريشي پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 18 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران درخواست گذار عدالت کي ٻڌايو ته پوليس لانگ مارچ دوران بدترين تشدد ڪيو، پوليس ڪوڙو ۽ بي بنياد ڪيس داخل ڪيو آهي عدالت کي استدعا آهي ته ضمانت منظور ڪئي وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.