پنو عاقل مقابلو جڙتو ثابت، نازڪ عضووي کي مروڙڻ سبب نوجوان جو موت واقع

پنوعاقل (رپورٽ:رستم انڍڙ) پني عاقل لڳ گدپور پوليس جو مقابلو ڪوڙو نڪتو، پوليس پاران فائرنگ ۾ مارڻ جي دعوي ڪندڙ ڳوٺاڻي جي جسم تي ڪا به گولي ناهي لڳل،کيس نازڪ عضوي کي مروڙي ماريو ويو،پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري رپورٽن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ گدپور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺاڻي بشير چاچڙ کي چور ڄاڻائي ماريو ويو هو، پوليس سندس قبضي مان 2 مينهون به هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي هئي.پوليس موجب ڄاڻايل علائقي ۾ چورن سان دوبدو مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ چور مارجي ويو،جنهن جا 4 ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس مارجي ويل بشير چاچڙ وٽان هڪ بندوق به هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي هئي۔جنهن کان پوءِ لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو،جنهن جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي. ڊاڪٽر مهراڻ مهر طرفان جاري ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب بشير چاچڙ کي جسم تي ڪا به گولي لڳل ناهي،کيس نازڪ عضوي تي سوڄ آھي،هاڻي سوال اهو پيدا ٿي رهيو آھي ته جيڪڏهن گولي لڳل ناهي ته مقابلو ڪيئن ٿيو؟ ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او ذوالفقار ڀنڀرو سميت ڪجهه اهلڪارن تي ڊي آءِ جي سکر طارق قريشي جي حڪم تي جاچ ڪري ڪيس به داخل ڪيو ويو، جنهن ڪيس ۾ گدپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ذوالفقار ڀنڀرو سميت 6 اهلڪارن تي خون لڪائڻ جا قلم به شامل ڪيا ويا ،پر تنهن باوجود هڪ به اهلڪار کي گرفتار نه ڪيو ويو.گدپور پوليس مقابلي جي دعويٰ ڪندي ڀاڳيو ڄاڻايل واحد بخش چاچڙ تي قتل ڪيس داخل ڪري ڇڏيو،ايف آءِ آر ۾موقف ڄاڻايو ويو ته واحد بخش وارن پراڻي دشمني تان بشير چاچڙ کي قتل ڪيو آھي.ان کان اڳ پوليس واحد بخش کي ڀاڳيو ڄاڻائيندي سندس گهر مان 2 مينهون چوري ٿيڻ ۽ مقابلي ۾ بشير چاچڙ کي مارڻ جي دعوي ڪئي هئي، جيڪا ڪوڙي نڪتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.