ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ٽربيونل عامر لياقت خلاف داخل درخواست خارج ڪري ڇڏي. عامر لياقت تي ڌانڌلي خلاف فاروق ستار درخواست داخل ڪئي هئي.فاروق ستار ۽ وڪيل ٻڌڻيءَ دوران پيش نه ٿيا .جڏهن ته عامر لياقت جي وڪيل ٽربيونل کي ٻڌايو ته منهنجو موڪل فوت ٿي ويو آهي، تنهن ڪري ان درخواست جي ڪا به حيٽيت نه آهي، خارج ڪئي وڃي. ٽربيونل اهڙو موقف ٻڌڻ کان پوءِ درخواست خارج ڪري ڇڏي.