هالا ويجهو مشين هلائڻ تان جهيڙو،جوابدار پيءُ ۽ سئوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو

مٽياري  (ڊ ر) ھالا ويجھو پاڻيءَ جي مشين جو آواز اچڻ تان جوابدار مڇرجي پيءُ ۽ سئوٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب سالارو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ فصل کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڳوٺاڻن   پاڻيءَ جي مشين هلاائي، جنهن جي آواز تان مير حسن جکراڻي  مڇرجي فائرنگ ڪري ڏني، جوابدار جي فائرنگ ۾سندس پيءُ حبيب الله جکراڻي ۽ سئوٽ شھمير جکراڻي ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته بابل جکراڻي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان هڪ  زخمي بابل کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.هوڏانهن مارجي ويل چاچي ۽ بائيٽي  جا لاش ضروري ڪارروئي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار مير حسن موقعي تان فرار ٿي ويو آهي، جنهن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.