فريدآباد ۾راشن جي ورهاست تان جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي، هڪ ڌر جو ڌرڻو

فريدآباد (ن ع آ ) فريدآباد لڳ ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ ڊي سي دادو طرفان آيل راشن مختيارڪار ميھڙ ورھاست ڪري رھيو ھيو ته بدنظمي تان باھ متاثرن  جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو  جنهن ۾ ٻنھي ڌرين جي عورتن عابده ڌي سڪندر ، آسمه ڌي عبدالحميد چانڊيو ، مظھر پٽ فيض محمد چانڊيو سمت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي فريدآباد ٿاڻي آندو ويو فريدآباد پوليس اين سي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو . ھوڏانھن ھڪ ڌر مولوي نور حسن چانڊيو ، ارشاد چانڊيو ، الطاف چانڊيو ، زخمي مظھر ، آسمه ۽ عابده چانڊيو جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف فريدآباد پل تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري جوابدار ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي  ھنن چيو ته ڊي سي دادو پاران آيل راشن تان مخالفن جيوڻ چانڊيو ، معشوق چانڊيو ۽  ٻين راشن ملڻ بعد به ھلان ڪري جھيڙو ڪيو آھي جنھن ۾ اسان جون عورتون به زخمي ٿي پيون آھن  فريدآباد پوليس اين سي وٺڻ لاء تيار ناھي ھنن ايس ايس دادو عرفان علي سمون کان پرزور مطالبو ڪيو ته جھيڙي جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.