ڀرياسٽي ۾پاڻي چوري نه رڪي، زمينون بنجر

ڀرياسٽي (رپورٽ : مجيد ڪيريو) ڀرياروڊ روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ سانگي مائينر ۾ منڍ جي آبادگارن آبپاشي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري  ڳري رشوت ڏئي چاليهه کان پنجاهه غير قانوني لفٽ مشينون لڳائي ڇڏيون۔ غير قانوني  لفٽ مشينون لڳڻ سبب ٽيل شاخ ۽ ڍينگو شاخ جي پڇڙي ۾ ڍڪ پاڻي جونه هئڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي. ان سلسلي ۾ پڇڙي جي آبادگارن امتياز چانڊيو ، مجيد ڪيريو ، علي چانڊيو ۽ ٻين ٻڌايو ته سانگي مائينر ۾ منڍ جا آبادگار سرعام واٽر ڪورس ٽوڙي ٻنهي ڪپرن سان ڏينهن رات لفٽ مشينون هلائي رهيا آهن۔ اسان وٽ پڇڙي ۾ گذريل هڪ مهيني کان پاڻي جو ڍڪ به ناهي پهتو هنن چيو ته آبپاشي عملدارن کي ڪافي دفعا شڪايتون ڪيون آهن. پر ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ناهي هنن چيو ته پڇڙي ۾ جانور جي به پاڻي لاء پريشان آهيون۔ هنن آبپاشي عملدارن ڊي سي نوشهروفيروز ، سيشن جج نوشهروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پڇڙي ۾ پاڻي فراهم ڪري فاقا ڪشي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.