آريجا لڳ ٽرانسفارمرن مان 12 ڪوائل چوري

خير محمد آريجا (ن ع آ) ڳوٺ ھٽڙي غلام شاھ ، چنيسر جتوئي، پيارو ٻرڙو، ھڪ ئي رات ۾ ٽرانسفارمرن کولي 12 ڪوائل چور  چوري ڪري ويا کوجي ڪتن جي مدد سان پيرا کڻايا جيڪي  ڳوٺ علي مراد جتوئي جي ڀرسان صدر الدين جتوئي جي اوطاق ۾ لڳا تفصيل موجب خير محمد آريجا لڳ ھٽڙي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيارو ٻرڙو، چنيسر جتوئي، ھٽڙي غلام شاھ مان ھڪ ئي رات ۾ ھڪ ئي ٽائم تي چار چار نامعلوم چور ڳوٺن جا بجليءَ جا ٽرانسفارمر لاھي انھن مان 12 پتل جا ڪوائل ڪڍي چوري ڪري ويا ڳوٺاڻن اھڙو اطلاع ھٽڙي غلام شاھ ٿاڻي تي ڏنو ھٽڙي ٿاڻي جي پوليس کوجي ڪتا گھرائي ڀاڳيا ساڻ ڪري پيرا کڻايا جيڪي ڳوٺ علي مراد جتوئي جي ڀرسان صدر الدين جتوئي جي اوطاق تي وڃي لڳا پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي ھوڏانھن چنيسر جتوئي جي رھواسي پرويز احمد جتوئي، اعجاز علي جتوئي صحافين کي ٻڌايو ته ٽنھي ڳوٺن ۾ ھڪ ئي ٽائم تي چار چار چورن گڏجي واردات ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.