رهڙڪي مان اغوا ٿيل 3 مغوين جي آزادي لاءِ 50 لک رپيا ڀنگ طلب

رهڙڪي (ن ع آ)رهڙڪي مان امن جو پکي اڏامي ويو ويھ ڏينهن اغوا ٿي ويل نوجوان بازياب ٿي نه سگهيا ڌاڙيلن وارثن کي ڪال ڪري پنجاھ لک روپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوانن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي وارث ظهير سومرو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اسان کي ٺلاهه آسرا پئي ڏيئي ويھ ڏينهن گذري ويا منهنجو ڀاءُ سئوٽ سندس دوست بازياب نه ٿي سگهيا ايس ايس پي گهوٽڪي سان مسلسل رابطي ۾ هجڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو هن آئي جي سنڌ ڊي جي رينجرز کي اپيل ڪندي چيو ته منهنجي ڀاءُ سئوٽ ۽ انهن جي دوست جي جان کي خطرو آهي جلد ايڪشن وٺي نوجوان بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.