گهوٽڪي ۾بدامني، ٿاڻي اڳيان احتجاج

گهوٽڪي( ڊ ر ) گھوٽڪي جي رھواسين گل محمد شيخ، خان محمد شيخ، جمشير شيخ، حاجي صوبدار شيخ ۽ علي محمد شيخ احتجاج  ڪندي چيو تہ رات ڌير سان شھر کان گھر وڃي رھياسين تہ مبينا طور ھٿياربندن پاران موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزحمت ڪئي وئي جنھن دوران نينگر شھازيب شيخ زخمي ٿي پيو، اھڙي عمل خلاف شيخ برادري گھوٽڪي جي اي شيڪشن ٿاڻي اڳيان سخت احتجاج ڪندي چيو تہ واقعي جي اين سي رپورٽ بہ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڪو تحرڪ نہ وٺي سگھي آھي، ان موقعي ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان موٽرسائيڪل جي واپسي ۽ ھٿياربندن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.