جهول ۾ پوليس رشوت عيوض پڪڙيل چورن کي ڇڏي ڏنو

جهول (ن ع آ)جهول واٽر سپلائي فيز ٽو جي ڀرسان نامعلوم چور توسي ڀيل جا پنچ ٻڪر قرباني جا چوري ڪري ڪاهي آرام سان فرار ٿي ويا  وارثن جو چوڻ اسان بروقت جهول ٿاڻي تي اطلاع ڪيو پر پوليس اسان جي ٻڌي نه ٻڌي ڪري ڇڏي پوليس پهچي ها ته چور گرفتار ٿي وڃن ها اهڙي طرح جهول شهر جو امن امان خراب ٿيندي نظر اچي رهيو آهي  جڏهن ته جهول شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چور  سرگرم ٿي ويا مختلف ڳوٺن مان چوپايو مال چوري ٿيڻ جا اطلاع پڻ مليا  جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ حاجي محمد ايوب خاصخيلي مان ٻڪر ڪاهجي ويا هئا  مالڪ ٻڪر ۽  چورن کي جهول ۾ لڳندڙ ننڍي  مال پڙي مان هٿ ڪري جهول پوليس کي اطلاع ڪيو بروقت ٻه چور گونگو خاصخيلي ۽ ثاقب خاصخيلي ٻڪرن سميت ڌڻين ڪابو ڪري چورن کي پوليس حوالي ڪيو . جتي چورن اعتراف ڪيو    پوليس ڀاڳين مٿان دٻاءُ وجهي چورن سان راڄوڻي ڪرائي ڳري رشوت عيوض چورن کي آزاد ڪيو جنهن بعد ساڳين ئي چورن ۽ سندن ٻين ساٿين  کي گشت دوران حاجي شاھ لڳ چوري ڪيل ٻڪرن سميت پوليس گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي جتان ٻھير هزارين رپيا رشوت ڏيڻ بعد هڪ ڀيرو جهول پوليس وري چورن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.