هوسڙي: يوسي چيئرمين جي اميدوار نوجوان جو لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي هوسڙي واري علائقي ۾ ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ سبب ٻڏي ويل يوسي چيئرمين جي اميدوار نوجوان عبدالحفيظ شورو جو مڙهه اڪرم واهه مان 22 ڪلاڪن جي ڳولا کان پوءِ هٿ اچي ويو، ٽوٻن ذريعي هٿ ڪيل لاش کي سندس ڳوٺ حاجي موسيٰ شورو ۾ پهچايو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، اطلاع ملڻ تي سوين ڳوٺن جا رهواسي پڻ پهچي ويا، عبدالحفيظ شورو جي لاش کي سوين آلين اکين سان ڳوٺ جي مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن هوسڙي لڳ ڳوٺ حاجي موسيٰ شورو جا رهواسي ڀرواري ڳوٺ ۾ وفات ڪري ويل عورت جي تدفين بعد هٿرادو ٺاهيل ٻيڙي ذريعي اڪرم واهه پار ڪري پنهنجي ڳوٺ واپس اچي رهيا هئا ته اڪرم واهه ۾ سندن ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، ٻيڙي ۾ سوار 7 ماڻهن مان 6 ڄڻن کي اتي بيٺل ماڻهن بچائي ورتو، جڏهن ته يوسي چيئرمين جو اميدوار علائقي جو معزز نوجوان عبدالحفيظ شورو پاڻي مان هٿ نه اچي سگهيو هو، جنهن جي ٽوٻا ڳولا ڪندا رهيا، 22 ڪلاڪن کان پوءِ عبدالحفيظ جو لاش هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته ڄاڻايل هنڌ تان اڪرم واهه تي پل ٺهيل ناهي، جنهن ڪري اتان جا رهواسي هٿرادو ٺاهيل ٻيڙيءَ ذريعي اڪرم واهه کي پار ڪرڻ تي مجبور آهن، قبرستان ۾ لاش دفنائڻ لاءِ به ان ئي هٿرادو ٺاهيل ٻيڙي ذريعي لاش پار ڪيا ويندا آهن، جنهن بابت گذريل ٻن سالن کان وٺي ميڊيا تي خبرون اينديون رهيون آهن، پر ڪنهن به چونڊيل نمائندي ان مسئلي جي حل لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ۽ گذريل ڏينهن ان ٻيڙي ذريعي اڪرم واهه پار ڪرڻ دوران نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.