ماٿيلي ويجهو واهه مان عورت جو لاش هٿ

ميرپورماٿيلو(رپورٽ پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ويجھو مسو واھ مان اڻسڃاتل عورت جو لڙھندڙ لاش ھٿ آيو آهي، لاش کي مسو واہ ۾ لڙھندو  ڏسي اتان گذرندڙ ماڻھن پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس پھچي ڳوٺاڻن جي مدد سان لاش مسو واھ مان ڪڍرائي ورتو، ميرپورماٿيلو پوليس عورت جو لاش کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلو پھچايو جتي ھن جي سڃاڻپ مسمات حسينا زال علي محمد ملاڻو جي نالي سان ٿي آھي سندس وارث پھچي ويا ٻڌايو پيو وڃي تہ عورت جو دماغي توازن ٺيڪ نہ ھو خبر ناھي واھ ۾ ڪيئن ڪري پئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.