جوهر ڪامپليڪس ڪراچي ۾بدامني، صحافيءَ جي موٽرسائيڪل چوري

گلشن اقبال (ن ع آ) ڪراچي جي جوهر ڪامپليڪس واري علائقي ۾موٽرسائيڪلن جي چوري معمول بڻجي وئي آهي، صحافي ثناءٌ الله  هاشماڻي جي موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي. واقعي جي اين سي سچل ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي، واقعي کي 2 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس موٽرسائيڪل جي واپسيءَ لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو. رهواسين جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ يونين انتظاميا جي غفلت سبب جوهر ڪامپليڪس ۾چورين جو آزار وڌي ويو آهي.هنن ايس ايس پي اوڀر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چورين جي وارداتن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ترت قدم کنيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.