لاڙڪاڻي ۾رولو ڪتن جو آزار، 17 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن 17 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 30 سالن جو سائينداد، 10 سالن جو نديم علي، 10 سالن جو عبدالصمد، 6 سالن جي مسڪان بيبي، 38 سالن جو جميل احمد ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سينٽر انتظاميه جو چوڻ آهي ته رولو ڪتي جي چڪ سبب زخمي ٿيلن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن جن کي بروقت ويڪسين ۽ علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.