ڪراچي مان پورهيت 5 ڏينهن کان گم، مدد جي اپيل

گلشن اقبال (رپورٽ : شفقت نوناري ) شاهنواز شر ڳوٺ جو رهواسي پورهيت نوجوان جبار چانڊيو گذريل پنجن ڏينهن کان لاپتا ٿي ويو آهي  ۽ سندس موبائيل نمبر به بند ٿي ويو آهي پورهيت نوجوان 125 موٽر سائيڪل نمبر ايس ڪي جي 5108 تي سوار ٿي ڪنهن ڪم سانگي گهران نڪتو ته موسميات لڳ گم ٿي ويو جنهن جي اين سي سچل ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي ٻئي طرف لاپتا ٿي ويل پورهيت جي ڀاءُ پ پ ش ڀ اڳواڻ منان چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي پر ڪجهه وقت اڳ اسان علائقي مان منشيات جي خاتمي لاءِ آواز اٿاريو هو ۽ مختلف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي شڪايتون به ڪيون هيون شڪ آهي منشيات فروشن ڀاءُ کي اغوا ڪيو آهي اسين اي آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي اوڀر، ايس ايس پي اوڀر کي اپيل ڪريون ٿا واقعي جي جاچ ڪرائي ڀاءُ کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.