ٻن پٽن جي قاتل ليڊي پوليس اهلڪار گرفتار ڪيو، باڊهه ۾بيواهه جو احتجاج

باڊھ (رپورٽ : نظام ڪولاچي )  لاڙڪاڻي واسڻ بيواھ عورت مسمات شبانه بروهي پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ باڊھ پريس ڪلب پهچي ٻن پٽن جي قتل ۾ ملوث ليڊي پوليس اهلڪار ۽ اڳوڻي مڙس جي زيادتين  خلاف دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي جي بااثر ليڊي پوليس اهلڪار ارجمه شاهين منهنجي ٻن معصوم پٽن جي قتل ۾ ملوث هجڻ باوجود پوليس کيس گرفتار نه ٿي ڪري جڏھن ته قتل جي ايف آئي آر ۾ مک جوابدار هئڻ جي باوجود به معمول موجب ڊيوٽي ڪري رهي آھي. هن چيو ته ليڊي اهلڪار ارجمه شاهين منهنجي ٻن معصوم پٽن 16 سالن جي سمير ۽ 14 سالن جي جميل بروهي کي پنهنجي ڀائرن نظير، عدالت جسڪاڻي، مڙس اصغر ڀٽو ۽ ٻين جي مدد سان قتل ڪرائي چڪي آھي جن تي قتل جون ٻه مختلف ايف آء آرون درج آھن. هن چيو ته ليڊي پوليس اهلڪار ۽ منهنجو اڳوڻو مڙس الاهي بخش بروهي ۽ سندس ڀائر مون کي ڊيڄاري ڌمڪائي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن.هن چيو ته سندس اڳوڻو مڙس الاهي بخش بروهي  معصوم پٽن جي قاتلن کان پئسا وٺي مون کي طلاق ڏئي گهران پڻ ڪڍي ڇڏيو آهي .مسمات شبانه بروهي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ, چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ, انساني حقن جي ادارن پوليس جي اعلئ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کيس انصاف فراهم وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.