لاڙڪاڻي ۾عورتن جو ٻن ڄڻن جي گرفتاريءَ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي المدينه ڪالوني جي رهواسين عورتن ٻن ڄڻن جي گرفتاري خلاف پنهنجي ٻارن سان گڏجي پريس ڪلب  اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي زاهده شيخ پنهنجي نناڻ ياسمين شيخ سان گڏجي دانهيو ته اسان جي مردن جو شهر جي ميروخان چوڪ تي چپل ۽ هار سينگار جو دڪان آهي ۽ اسان جا مرد جنرل اسٽور هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندا آهن. هن الزام لڳايو ته ٽي مهينا اڳ گجڻ پور چوڪ واري علائقي جي رهواسڻ ڪرن بروهي منهنجي پٽ شعيب ۽ ڀائيٽي ذاڪر شيخ مٿان ڪوڙا الزام لڳائي کين وليد پوليس هٿان گرفتار ڪرايو هو ۽ بعد ۾ پوليس جاچ دوران انهن کي بيگناهه قرار ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو پر ان جي باوجود ساڳي ئي بليڪ ميلر ڪرن بروهي ٻيهر منهنجي پٽ ۽ ڀائيٽي مٿان ڪوڙا الزام لڳائي رهي آهي جنهن خلاف اسان پوليس عملدارن کي شڪايتون به ڪيون پر ان جي باوجود اسان سان انصاف ناهي ٿيو خدشو آهي ته ساڳي عورت ٻيهر پٽ ۽ ڀائيٽي مٿان ڪوڙا الزام لڳائي کين پوليس هٿان گرفتار ڪرائيندي جنهن ڪري اسين بليڪ ميلر عورت جي ظلم خلاف دانهي ٿي هتي پهتيون آهيون. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بليڪ ميلر عورت ڪرن بروهي خلاف سخت ڪاروائي ڪري تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.